جنرل لائبريري ڪراچي

جنرل لائبريري، ڪراچي: هيءَ ڪراچيءَ جي سڀ کان پهرين عام لائبرري هئي، جيڪا 4 آڪٽوبر 1851ع ۾ ليڊيز ڪلب جي هڪ ڪمري ۾ قائم ڪئي وئي هئي، ڪمشنر سنڌ سر بارٽل فيئر هن لائبرريءَ جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن لائبريري ٿوري ئي عرصي ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪري ورتي. 1870ع تائين ان جي ميمبرن جو تعداد سون تائين پهچي چڪو هو. هن لائبرريءَ ۾ مقامي اخبارن کانسواءِ لنڊن جون 19 اخبارون به مطالعي لاءِ ملنديون هيون، هيءَ لائبريري اڄ به فريئر هال ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو